انيلا سُندر

انيلا سُندر

انيلا سندر

انيلا سُندر: مشھور سنڌي ڪلاسيڪل ڊانسر انيلا سندر جو جنم 11 نومبر 1951ع تي الھاس نگر، مھاراشٽرا (هندستان) ۾ ٿيو. سندس پيءُ گوبند ماکيجاڻي ۽ ماءُ نانڪي ماکيجاڻي ڊاڪٽري پيشي سان سلھاڙيل رهيا. انيلا سندر ممبئي يونيورسٽي مان ڪلينيڪل سائيڪالاجيءَ ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ڪجهه وقت جئه هند ڪاليج، ممبئي ۾ بطور ليڪچرر پڙهايو. ننڍپڻ کان ڪلاسيڪل ڊانس ۾ دلچسپي هئڻ سبب استادي پيشي کي خيرباد چئي ڪُل وقتي فنڪاره/ڪٿڪ ڊانسر بڻجي وئي. يارهن سالن جي عمر ۾ هن پرياگ سنگيت ساميتي، الله آباد مان ڪٿڪ ڊانس جي باقاعده سکيا ورتي. پاڻ، گذريل پنجويھه سالن کان هندستان توڙي پرڏيھه ۾ سنڌي ناٽڪي ناچ (ڪٿڪ ڊانس) سان گڏ ڊائريڪٽر ۽ ڪوريوگرافر جا فرض پڻ انجام ڏئي رهي آهي.سندس ڪجهه مشھور البم هن ريت آهن: سڪ سڄڻ جي، سنڌيت جي سرهاڻ (سنڌين جا تھوار)، ٿيءُ نه جدا جاني مون کان، سنڌو (موهن جي دڙي جي تھذيب)،گيت گووند، سنڌ منھنجي امان، (سنڌ جي تاريخ)، زال-ڪڏهن زير، ڪڏهن زبر (عورتن جي زندگيءَ جي مختلف پھلوئن تي مبني).
1971ع ۾ کيس جاپاني حڪومت طرفان ’يوٿ ائڪسچينج پروگرام‘ ۾ شرڪت لاءِ خاص دعوت ڏني وئي، جتي هن ’ The Land of the Rising Sun‘ تي پھريون ڀيرو ملڪ کان ٻاهر پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. 1975ع ۾ هن اولهه آفريڪا ۽ لنڊن ۾ ٽي وي توڙي اسٽيج تي ڪيترائي ڀيرا پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. نائيجيريا جي انسٽيٽيوٽ آف نيشنل افيئر، انڊين ليڊيز ڪلب ۽ انڊين ايسوسيئيشن جي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري فن پيش ڪيو. 1977ع ۾ تھران جي هڪ ميلي ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جتان کيس عالمي سطح تي شھرت ملي.
انيلا سندر، هن وقت تائين فلپائن، هانگ ڪانگ، گڏيل عرب امارات، اوسلو، اسٽاڪ هوم، ڪوپنھيگن، ائمسٽرڊم ۽ لئگزمبرگ سميت هندستان جي 25 کان وڌيڪ شھرن ۾ پنھنجو فن پيش ڪري چڪي آهي،کيس سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ’سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ طرفان ’بھترين فنڪاره‘ جو اوارڊ (1994ع)، انٽرنيشنل سنڌي پنچائت فيڊريشن طرفان ’جهولي لعل اوارڊ‘ (1990ع) ۽ روٽري ڪلب طرفان ووڪيشنل ائڪسيلينس اوارڊ (1999ع) سان نوازيو ويو. هن سندر نچناڻيءَ سان شادي ڪئي، جنھن مان کيس، هڪ ڌيءَ ’رچنا‘ جو اولاد آهي ۽ هن وقت پنھنجي ڪٽنب سان گڏ هندستان ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ انيلا سندرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.11.11  عيسوي

مشھور سنڌي ڪلاسيڪل ڊانسر انيلا سندر جو جنم 11 نومبر 1951ع تي الھاس نگر، مھاراشٽرا (هندستان) ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاٽائي عبدالوحيد صديقي
جينت ريلواڻي
ارباب انور
لالا موهن داس سيوستاني
عباسي نبي بخش
پيرزادو غوث محمد گوهر
ارم زهرا
ديوان واڌومل اُڌارام
محمد ڪريم اصفهاني ٺٽوي
ثريا 1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون